ڄام خان شورو

ڄام خان شورو

شورو ڄام خان

شورو، ڄام خان: بلديات کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ولد ديدار حسين شورو، 5 مارچ 1982ع تي حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ درياهه جي ڪپ تي سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ ‘ڪرن شوري’ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو ڪرن خان شورو، حيدرآباد جي مشهور سماجي شخصيتن مان ڳڻيو ويندو آهي، جڏهن ته چاچو نور محمد شورو پڻ شهر جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سرگرم هئڻ سبب قاسم آباد تعلقي جو ناظم پڻ رهي چڪو آهي. ڄام خان شوري جي تعليم بي.ڪام ۽ ايل. ايل. بي آهي.
2013ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان PS-47 جي تڪ تان صوبائي اسيمبليءَ (سنڌ) جو ميمبر منتخب ٿيو. سيد قائم علي شاهه جي ڪابينا ۾ پاڻ ‘چوپايي مال (Live Stock) ۽ ماهيگيري (Fisheries)’ کاتن جو وزير رهيو. پاڻ ‘مڪاني کاتي’ جو پڻ وزير ٿيو. ڄام خان شورو هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.05  عيسوي

بلديات کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ولد ديدار حسين شورو، 5 مارچ 1982ع تي حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ درياهه جي ڪپ تي سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ ‘ڪرن شوري’ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيارو منگي
سيد شفقت حسين موسوي
حمورابي
ڄام اوڍر سمو
بابا گرپت صاحب
رازي فخرالدين
حڪيم محمد عمر لاکو
درويش علي
پلي وڏيرو محمد سگهو
امين راهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون